سنڌ سائنس سوسائٽي

سنڌ سائنس سوسائٽي: ’سنڌ سائنس سوسائٽيءَ‘ جو بنياد ڪهڙي سال پيو، ان جي ڪا تاريخ ته ملي نه سگھي آهي، پر مارچ 1972ع جي ‘سائنس مخزن’ جي ايڊيٽوريل مان اها خبر پوي ٿي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو بنياد 1970ع جي ڏهاڪي ۾ هيٺين مقصدن تحت وڌو ويو هو:
(1) سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنس جي معلومات لاءِ ماهوار ‘سائنس’ رسالو شايع ڪرڻ.
(2) سنڌ ۾ سائنس جي موضوعن تي ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ.
(3) سائنس جي مختلف موضوعن تي ڪتاب لکرائڻ ۽ سائنسي مواد جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪري شايع ڪرائڻ.
(4) ’سائنسي رفتار‘ جي نالي سان هڪ تحقيقي ريسرچ جنرل شايع ڪرڻ.
اڳتي هلي سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل هڪ شاندار عمارت ڄامشوري جي ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي آٽو ورڪشاپ جي اڳيان ۽ تازي ٺهيل يوٿ ڪلب جي ڀرسان، اتر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي زمين تي ٺاهي وئي، جنهن ۾ سوسائٽيءَ جي آفيس لاءِ ڪيترائي ڪمرا ۽ هڪ وڏو هال ليڪچر موجود آهي. سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي آفيس ۾ سائنسي ڪتابن جي هڪ شاندار لائبرري، سائنس جي موضوعن تي مختلف ماهرن ۽ ليکڪن جا ڪيترائي مسودا، سوسائٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن جو گودام، ڪاغذن جا سوين رِمَ ۽ آفيس رڪارڊ سميت ڪيترائي هنڌ بسترا ۽ فرنيچر موجود هو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي ٽن ڪمرن کانسواءِ باقي سڄيءَ عمارت ۾ پوليس اچي ويٺي. فيبروري 1990ع ۾ سوسائٽيءَ جي مقرر چوڪيدار کي برطرف ڪيو ويو، جنهن سبب باقي بچيل سامان به آهستي آهستي گم ٿيندو ويو. پوليس کان سوسائٽيءَ جي آفيس خالي ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي سنڌ جي گورنر ، وزير اعلى، اعلى پوليس عملدارن سميت سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وقتي وائيس چانسلرن کي گذارشون ڪيون ويون، ميڊيا رستي وس وارن جو عمارت تي ڪيل قبضي ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو، اخبارن ۾ اپيلون ڪيون ويون، اخبارن توڙي رسالن ۾ ايڊيٽوريل لکيا ويا، ڪيترين تنظيمن مطالبا ڪيا، سول سوسائٽي تحرڪ ۾ آئي، پر پوليس کان آفيس خالي نه ٿي سگھي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ڪوبه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو ته سوسائٽيءَ جي عمارت ۾ پوليس ڇو ۽ ڪنهن ويهاري آهي. سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي اهميت ۽ ڪارج کي ڏسندي، جون 1990ع ۾ تڏهوڪي ميمبر سنڌ اسيمبلي پير مظهرالحق (جيڪو 1970ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اسٽوڊنٽس ويلفيئر اينڊ پبلڪ رليشن آفيسر به رهيو) سوسائٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت سان آفيس، پوليس کان واپس ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو.
سوسائٽيءَ جي عمارت تان پوليس جو قبضو ختم نه ٿيڻ ۽ سوسائٽيءَ جي ڪاروهنوار کي سنگين هاڃو رسڻ سبب ڪو ٻيو اپاءُ نظر نه ايندي سوسائٽيءَ جي تڏهوڪي سيڪريٽريءَ آخري اپاءَ طور مارچ 1993ع ۾ صوبائي محتسب اعلى سنڌ کي ‘سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي’ جي آفيس خالي ڪرائڻ جي گذارش ڪئي، جنهن هڪ ڊگھي ۽ گھڻ رخي جاچ پڙتال کانپوءِ آگسٽ 1994ع ۾ حيدرآباد ۽ دادو ضلعن جي اعلى پوليس عملدارن، سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي نمائندن جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي يڪراءِ سان هيٺيون فيصلو ڪيو ته:
جيئن ته سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي جي آفيس ۾ پوليس، مهراڻ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ ويهاري وئي آهي، تنهنڪري مهراڻ يونيورسٽي 31 ڊسمبر 1994ع تائين پوليس لاءِ متبادل رهائش جو انتظام ڪري، آفيس سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جي حوالي ڪندي. ياد رهي ته ان وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ساڳئي وقت ‘سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي’ جو صدر پڻ هو:
1995ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ‘سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي’ جي آفيس تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ سينئر سول جج ڪوٽڙيءَ وٽ ڪيس داخل ڪيو، پر ڪورٽ سڳوريءَ پنهنجو فيصلو سوسائٽيءَ جي حق ۾ ڏنو. جنهن بعد ساڳئي سال مهراڻ يونيورسٽيءَ هڪ ٻيو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيو ته جيئن سوسائٽيءَ جي آفيس تي قبضو برقرار رکي سگھجي، جنهن جو 2002ع ۾ فيصلو پڻ سوسائٽيءَ جي حق ۾ آيو. مٿين فيصلن باوجود مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا آفيس جو قبضو اڃاتائين سوسائٽيءَ جي حوالي ناهي ڪيو.
سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جا ڇپايل ڪتاب: سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي 1974ع کان 1986ع تائين 13 سالن ۾ سائنس جي مختلف موضوعن تي جملي 13 اصلوڪا ۽ ترجمو ٿيل ڪتاب شايع ڪرايا:(1) ’انـسـان جـا پـراسـرار دشـمـن‘ (ڊاڪــٽـر ســلـيمان شيخ: 1974ع)، (2) ’نامور مسلمان سائنسدان‘ (ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ: 1975ع)،
(3) ’پراسرار ڪائنات‘ (عبدالغفار سومرو: 1974ع)، (4) ’اسان جا فصل‘
(محمد قاسم رند: 1975ع)، (5) ’غلطين جي نفسيات‘ (رضيه ايف. ڪريم ۽ ڊاڪٽر وڏل شاهه: 1975ع)، (6) ’سنڌ جا ٿڻائتا جانور‘ (نثار احمد حداد: 1976ع)،
(7) ’سنڌ جي طبي تاريخ‘- جلد: I (حڪيم نياز حسين همايوني: 1976ع)،
(8) ’سنڌ جي طبي تاريخ‘ جلد- II (حڪيم نياز حسين همايوني: 1976ع)،
(9) ’گلن جهڙا ٻارڙا ڦلن جيئن نپجن‘ (ڊاڪٽر سليمان شيخ: 1978ع)،
(10) ’ڪوريئڙي جي حياتي‘ (ڊاڪٽر هارون الرشيد ميمڻ: 1980ع)،
(11) ’ڪينسر‘ (علي مرتضى ڌاريجو: 1982ع)، (12) ’علم فلڪيات‘
(عبدالغفار سومرو: 1986ع)، (13) ’ڊڪشنري آف سائنس اينڊ ٽيڪنيڪل ٽرمس‘ (انگريزيءَ کان سنڌي: ڊاڪٽر ايم.اي. قاضي، 1994ع).


لفظ سنڌ سائنس سوسائٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو